گل محمد گاد

گل محمد گاد

گل محمد گاد

گل محمد گاد: ليکڪ ۽ محقق گل محمد ولد محمد بچل گاد جو جنم لاڙڪاڻي جي عاقل ڳوٺ ويجهو ڪچي واري علائقي ۾ 15 آگسٽ 1941ع تي ٿيو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي مان بي. اي ڪئي. هن عملي زندگيءَ جي شروعات ميونسپل جناح لائبريري لاڙڪاڻي ۾ لائبريرين طور ڪئي، جتي سندس ملاقات سنڌ جي اديبن، دانشورن سان ٿي، جن ۾ شيخ اياز، سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻيا شامل هئا. 1971ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان لائبرري سائنس ۾ ڊپلومه ڪرڻ کانپوءِ هو ميونسپل ڪاميٽي لاڙڪاڻي ۾ اينٽي انڪروچمينٽ آفيسر مقرر ٿيو. ميونسپل ڪاميٽيءَ ۾ نوڪريءَ دوران هن ملازمن جي ڀلائيءَ لاءِ ميونسپل ايمپلائيز يونين جو بنياد وڌو ۽ پاڻ ان جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. انهيءَ پليٽ فارم تان هن ميونسپل جي صفائي ڪندڙ عملي جي ڪٽنب لاءِ هريجن ڪالوني تعمير ڪرائي. گل محمد گاد لاڙڪاڻي جي تاريخ تي مشتمل اهم ڪتاب ‘لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو’ (1985ع) ترتيب ڏئي ڇپرايو، جنھن جو مھورت پير علي محمد شاهه راشدي ڪيو. سندس اولاد ۾ جميل گاد سياست ۽ لطيف گاد صحافت سان لاڳاپيل آهن.


لفظ گل محمد گادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.08.15  عيسوي

ليکڪ ۽ محقق گل محمد ولد محمد بچل گاد جو جنم لاڙڪاڻي جي عاقل ڳوٺ ويجهو ڪچي واري علائقي ۾ 15 آگسٽ 1941ع تي ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سڊس جيمس وليم
شهمير شاهه شهيد سيد
پاٽائي شيخ معروف
سلطان مقيم بيگلار جي نياڻي
ڀائي ڪيشورام
خدابخش مري جسٽس
آغا شمشاد مغل
امرت خان
اخلاق انصاري
اختر جهوناڳڙهي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون